آدم شماري بعد تڪبنديون لازمي، اليڪشن ڪميشن آئين پٽاندڙ چونڊون ڪرائيندو: آصف زرداري

اسلام آباد ( م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو  آهي. هڪ بيان ۾ اڳوڻي صدر چيو ته اليڪشن ڪميشن آئين پٽاندڙ چونڊون ڪرائيندو ۽ آدمشماري کانپوءِ اليڪشن ڪميشن نيون تڪبنديون ڪرائڻ جو پابند آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سمورن ميمبرن تي اسانکي پورو اعتماد آهي. سندس چوڻ آهي ته آدمشماري کانپوءِ اليڪشن ڪميشن تڪ بنديون ڪرائڻ جي پابند آهي، اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون تحت ئي عام چونڊون ڪرائيندي، ملڪ معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، نگران حڪومت ايس آءِ سي ايف جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪري. اڳوڻي صدر چيو ته نگران حڪومت ايس آءِ ايف سي جون رٿائون جلد مڪمل ڪري ۽ رٿائون مڪمل ڪري مُلڪ کي ترقي جي رستي تي آندو وڃي. آصف علي زرداري چيو ته ملڪ هن وقت معاشي بحران مان گذري رهيو آهي، جنهن لاءِ سڀني کي سياست بدران معيشيت جو فڪر پهريان ڪرڻ گهرجي، مُلڪ آهي ته اسان سڀ آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.