ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي) ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڏوھاري آپي کان ٻاھر نڪري ويا، انڊس هاءِ وي پھچي گاڏين تي حملو ڪيو ويو، ٽي ڄڻا اغوا پوليس پھچي وئي، انڊس ھاوي تي ڌرڻو هنيو ويو، ڪنڌ ڪوٽ جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد انڊس ھاءِ وي ملير اسٽاپ ڀرسان ھٿياربندن ايندڙ ويندڙ گاڏين تي حملو ڪري ڏنو، فائرنگ بعد ٽن ڄڻن جھانزيب، قدير احمد، محمد ياسين کي اغوا ڪري ويا واقعي جي خلاف مسافر گاڏين جي ڊرائيورن، ڪلينڊرن احتجاج ڪري روڊ بند ڪري ڇڏيو، مظاهرين جو چوڻ هو ته بدامني وڌي وئي آهي، اغوا ڪيل ٽن ڄڻن کي آزاد ڪيو وڃي.