ميرواهه گورچاڻي ۾ پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي آزادي لاءِ ڌرڻو

مير واهه گورچاڻي (ن ع آ) مير واهه گورچاڻي ۾ پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي آزادي لاءِ سنڌي هاري تحريڪ، عوامي تحريڪ طرفان ڌرڻو هنيو  ويو، سنڌي ھاري تحريڪ، عوامي تحريڪ تعلقي ميرپورخاص پاران پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي آزادي، ڌاڙيل راڄ ۽ جاگيرداري نظام خلاف سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، عوامي تحريڪ ضلعي ميرپورخاص جي صدر امير بخش جروار جي شگن لال ڪولھي ۽ محبوب نوننداڻي جي اڳواڻي ۾ ميرواھ گورچاڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري خطاب ڪندي چيو ته سنڌي عوام کي ڌاڙيلن ۽ ڀوتارن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي، ھڪ پاسي ڌاڙيل ماڻھن کي اغوا ڪن ٿا ٻئي پاسي ڀوتار پوليس معرفت عوام جو سک تباھ ڪري ڇڏيو آھي، پوليس ڌاڙيلن کي ڪنٽرول ڪرڻ بدران پرامن مظاھرين تي تشدد ڪري پنھنجي قابليت ڏيکاري رهي آهي، ھن سوال ڪيو تي ھيتري ناڪابندي کانپوءِ جديد ھٿيار ڌاڙيلن وٽ  ڪيئن ٿا پھچن ان ۾ ڀوتار ۽ پوليس انھن جي سھولتڪار بڻيل آھي، ھن وڌيڪ چيو ت ڪيڏو نه شرم جھڙو مقام آھي جو فضيلا سرڪي کانپوءِ پريا ڪماري کي ٻ سال ٿي ويا اڃا تائين ان کي آزاد ناهي ڪرايو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.