گولاڙچي، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ مهانگائي خلاف عوامي تحريڪ جو ڌرڻو

گولاڙچي (پ_ر) ڊجيٽل آدمشماري، سنڌ ۾ قائم ڌاڙيل راڄ، مھانگائي ۽ بيروزگاري خلاف عوامي تحريڪ تعلقي گولاڙچي پاران امام بارگاهه کان ريلي ڪڍي شھيد فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ ضلع بدين جي صدر جاکرو نوحاڻي، ھميرو مل، احمد خان رند، محمد علي ٽالپر، تعلقي صدر غلام علي نوحاڻي، ڌڻي بخش نوحاڻي، موسيٰ درس ۽ ٻين چيو ته سنڌ کي هٿ وٺي ڌاڙيل ٽولي جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. ڌاڙيلن کي ڇوٽ ڏني وئي آهي ته هو پرامن شهرين کي اغوا ڪندا، ڀنگ وٺندا وتن، انهن لاءِ ڪنهن به قسم جو قانون ناهي. هنن چيو ته ھڪ پاسي مھانگائي جو طوفان آڻي غريب طبقي کي ٻن ويلن جي ماني کان به محروم ڪيو ويو آهي ته ٻئي پاسي سنڌي قوم کي دائمي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ دهشتگرد تنظيم جي فرمائش تي وقت کان اڳ ۾ آدمشماري ڪري من پسند نتيجا ظاهر ڪيا ويا آهن جنهن کي سنڌ جو عوام پهرين به رد ڪري چڪو آهي ۽ اڳتي به هي ڪوڙي ۽ فرمائشي آدمشماري ڪنهن به صورت ۾ قبول  به ڪئي ويندي. هنن مطالبو ڪندي چيو ته پريا ڪماري سميت ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ جي سمورن مغوين کي بازياب ڪري ڌاڙيلن خلاف فيصلائتي آپريشن ذريعي هميشه لاءِ ڌاڙيلن جي پاڙ پٽي وڃي. ريلي کي حنيف چانڊيو، دلدار نوحاڻي، جميل احمد ملاح، ساجد نوحاڻي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.