ڪنگري (ن ع آ)پيرڳوٺ جي شاهپور ڪالوني ۾ نامعلوم هٿياربندن سينيئر ڊاڪٽر نديم ڀنڊ جي ڪلينڪ جا تالا ٽوڙي هزارين روپين جون دوائون، سولر پليٽون، بيٽريون، ڪرسيون ٻيو سامان توڙي هزارين روپيه روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن جڏهن ته چوري ٿيل سامان ۽ دوائن جي ماليت لکين روپيه ٻڌائي پئي وڃي. جڏهن ته بدامني خلاف شهرين پاران صدرجي ڀٽيون لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جبار گلال، مرتضي ڦلپوٽو، عمران راجپوت، اظهر ديندار ۽ ٻين چيو ته پيرڳوٺ ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي هر روز چوريون ۽ ڦرون ٿينديون رهن ٿيون، ڪلينڪ مان لکين روپين جي چوري ٿي آهي پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي رپورٽ داخل ڪرائڻ باوجود ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪئي آهي. اهڙي صورتحال ڪري سخت پريشان ٿي ويا آهيون. هنن ڊي آء جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته بدامني جو نوٽيس وٺي امن امان جي صورتحال بهتر ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.