ڪسٽم ڊيوٽي جي وصولي ۾ جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ 10 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد  (اي پي پي) ڪسٽم ڊيوٽي جي وصولي ۾ گذريل مالي سال جي دوران ساليانو بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي  آهي جڏهن ته جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ ان مد ۾ وصولين ۾ ساليانو بنيادن تي 10 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ناڻي وزارت ۽ ايف بي آر طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق مالي سال 2023ع ۾ ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ 9 کرب، 34 ارب، 82 ڪروڙ، 30 لک روپيا وصول ڪيا ويا جيڪي مالي سال 2022ع جي ڀيٽ ۾ 8 سيڪڙو گهٽ آهي، مالي سال 2022ع ۾ ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ 1.009 ٽريلين روپيا وصول ڪيا ويا هئا. ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ وصولين جي گهٽتائي جي بنيادي سبب ملڪي آمدني واپار ۾ نمايان گهٽتائي آهي. انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي پهرين 2مهينن ۾ ايف بي آر مجموعي طور تي 1207 ارب روپين جا محصول گڏ ڪيا جڏهن هدف 1183 ارب روپيا هو. انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 488 ارب روپيا وصول ڪيا ويا جيڪي گذريل سال جي 347 ارب روپين جي ڀيٽ ۾ 41 سيڪڙو وڌيڪ آهي. سيلز ٽيڪس جي ۾ وصولين جو ڳاڻيٽو 473 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي مدي ۾ 407 ارب روپين جي ڀيٽ ۾ 16 سيڪڙو وڌيڪ آهن.

پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جي اجازت گهري ورتي

لاهور (اي پي پي) پوليس لاهور جي دهشتگردي جي خاص عدالت اشتهاري قرار ڏنل 22 پي ٽي آءِ  اڳواڻن جون ملڪيتون  ۽ بينڪن ۾ موجود رقم ضبط ڪرڻ جي اجازت گهري ورتي آهي، جوابدارن ۾  پي ٽي آءِ چيئر مين جي ڀيڻ عليمه خان ۽ عظمي خان، حماد اظهر ، فرخ حبيب ، مراد سعيد سميت ٻيا 22 اڳواڻ شامل آهن، پوليس پاران عدالت کي درخواست ڪئي وئي آهي ته 09 مئي جي واقعن  ۾ ملوث هجڻ تي جاچ ٽيم پاران اشتهاري قرار ڏنل جوابدارن  تي آرٽيڪل 88 موجب ڪاروائي ڪري ملڪيتون ۽ پيسا ضبط ڪيا وڃن، واضع رهي ته ان کان اڳ دهشتگردي جي روڪ ٿام واري عدالت پوليس جي جاچ ۾ شامل نه ٿيڻ ۽ عدم پيشي تي پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عليمه خان سميت ٻين 22 پي ٽي آءِ اڳواڻن کي اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي،هواڏانهن جي آءِ ٽي جي سربراه عمران ڪشور لڳاپيل ادارن کي تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ خط لکيو آهي ، جي آءِ ٽي جي سربراه عمران ڪشور ايف بي آر، ڪمشنر لاهور ۽ اسٽيٽ بينڪ کان جوابدارن جي ملڪتين ۽ بينڪ اڪائونٽس جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن

وياج وڌائڻ سميت پيٽرول وري مهانگو ڪرڻ جون تياريون

ڪراچي (رپورٽر) پيٽرول جي اگھن کي 300 رپين کان وڌي گھڻو وقت ناهي ٿيو ۽ هاڻ وري پيٽروليم شين جي اگھن ۾ اضافي جون  خبرون سامهون اچي رهيون آهن. حڪومت 31 آگسٽ تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي هئي جنهن کان پوءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت 300 رپيا في ليٽر کان وڌي وئي هئي.ان اضافي وقت پيٽرول جي بنيادي قيمت يا ايڪس رفائنري قيمت 232.36 رپيا في ليٽر هئي. پر عالمي منڊي ۾ تيل جو قيمتون وڌڻ ۽ ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جو قدر ڪِرڻ سبب هاڻ پيٽرول جي ايڪس رفائنري قيمت 238.29 رپيا ۽ ڊيزل جي 237.61 رپيا ٿي وئي آهي.حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي به وصول ڪندي آهي جڏهن ته مختلف قسمن جا ٻيا مارجنز به ورتا ويندا آهن جن ۾ پيٽروليم ڊيلرز جو مارجن شامل آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي خميس ڏينهن پيٽروليم ڊيلرز جي مارجن ۾ 1.64 رپيا في ليٽر اضافي جو منظوري ڏئي ڇڏي هئي.ان صورتحال سبب پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت 16 سيپٽمبر کان وڌيڪ وڌڻ جو خدشو آهي.اطلاع آهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ 9 رپيا 70 پيسا جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 11 رپيا اضافو ٿي سگھي ٿو.پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ سان گڏ مهانگائي وڌڻ جو به خدشو آهي. عام طور تي حڪومتون مهانگائي روڪڻ لاءِ وياج جي شرح وڌائي ڇڏينديون آهن. پاڪستان ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان اها خبر گردش ڪري رهي آهي ته اسٽيٽ بينڪ جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي 14 آگسٽ تي پنهنجي اجلاس ۾ وياج جي شرح 200 بيسز پوائنٽ وڌائي ڇڏيندي جنهن جي نتيجي ۾ اها شرح 24 سيڪڙو تائين پهچي ويندي.اسٽيٽ بينڪ پنهنجي هڪ تازي بيان ۾ اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي هئي پر خميس ڏينهن هڪ ٻئي بروڪر هائوس رپورٽ ڏني ته وياج جي شرح وڌندي. بزنس رڪارڊز موجب ٽاپ لائين سيڪيورٽيز جو چوڻ آهي ته وياج جي شرح 200 بيسز پوائنٽ وڌڻ کان پوءِ 24 سيڪڙو تي پهچي ويندي.

نيب جاچ، سنڌ جي 19 کاتن کان رڪارڊ طلب

ڪراچي (رپورٽر) مڪاني ادارن واري کاتي صوبي جي 19 کاتن کي اهم خط لکيو آهي. خط ۾ صوبائي کاتن کان عدالتي حڪم تي  جاري جاچ کي منهن ڏيندڙ آفيسرن جو رڪارڊ گهريو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته نيب ڪيسز کي منهن ڏيندڙ آفيسرن جو رڪارڊ ڏنو وڃي. کاتي کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته ادارن سان پلي بارگين ڪندڙ آفيسرن جا تفصيل به ڏنا وڃن. انهن کاتن ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، سنڌ سالڊ ويسٽ، ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي، ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي شامل آهن. خط ۾ حيدرآباد، لياري ۽ سيوهڻ ڊيولپمينٽ اٿارٽيز، واٽر ڪارپوريشن ۽ ميئرز کان به تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. ڪارروائي نگران وزير جي هدايت تي ڪئي وئي آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.