عالمي قوتون سنڌ ۾ نئون اسرائيل قائم ڪرڻ چاهين ٿيون: لال جروار

ڪيٽي بندر (رپورٽ: الياس سمون) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، علي محمد  ڪلمتي، گهنور خان زئور، مٺا خان لاشاري، ايوب انڙ، اسلم سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي وفد سامونڊي پٽي ڪيٽي بندر ٻگهاڻ، گهوڙاٻاري سميت ٺٽي ضلعي جي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪري 17 سيپٽمبر تي ٺٽي شهر ۾ اعلانيل ريلي جون دعوتون ڏنيون، ڪيٽي بندر پريس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضا ۽ پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙا سنڌي عوام لاءِ زندگي ۽ موت جهڙا مسئلا آهن، عالمي قوتون فلسطنين جيان سنڌين کان ڌرتي ڦري سنڌ ۾ نئون اسرائيل قائم ڪرڻ چاهين ٿيون. ٺٽي، ڪراچي، سجاول۽ بدين جي سامونڊي پٽي جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي، زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جون زمينون ٻين ملڪن کي ڏنيون پيون وڃن، ڪينجهر، هاليجي ڌنڌن تي قبضو ڪرڻ لاءِ تياري ٿي چڪي آهي، هن چيو ته سنڌ پوليس کي سنڌي عوام لاءِ اسرائيلي فورس بڻايو ويو آهي. سنڌي عوام جي ٽيڪس تي پلجندڙ سيڪيورٽي ادارا ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن ۽ عوام جي پرامن احتجاجن تي هٿيارن سان ڪڙڪي پون ٿا، پوليس ڌاڙيل ۽ دهشتگرد مارڻ بدران پرامن ماڻهو ماري رهي آهي. اچو ته پاڻ گڏجي سوال ڪريون، حڪمرانن کان پڇاڻو ڪريون ته کربين روپيا ڊفينس جي نالي ۾ هڙپ ڪندڙ حڪمران عوام جو تحفظ ڇو نٿا ڪن، ٻين ملڪن مان هٿيار اسمگلنگ ڪندڙ دهشتگردن جا سهولتڪار ڪير آهن. ڌاڙيلن وٽ نيٽو جا هٿيار ڪيئن ٿا پهچن، سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪري سنڌين کي زمينون ڀڳڙن مٺ تي وڪڻڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. هڪڙي پاسي سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو ته ٻي پاسي وري کنڊ، ڪڻڪ سميت کاڌ خوراڪ جون شيون افغانستان اسمگل ڪيون ويون. جنهن ڪري سنڌ ۾ کاڌ خوراڪ جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، سنڌ جي زمين تي قبضن، وسيلن جي نيلامي، پاڻي تي ڌاڙن، ڌاڙي آبادڪاري ۽ سرداري سرپرستي ۾ قائم ڌاڙيل راڄ خلاف پريا ڪماري جي آزادي لاءِ عوامي تحريڪ طرفان 17 سيپٽمبر تي ٺٽي شهر ۾ عظيم الشان احتجاجي مارچ ڪيو ويندو جنهن ۾  سمورن سنڌ جي گهڻگهرن کي شرڪت جو سڏ ڏيون ٿا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.