سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ قبيلائي دهشتگردي رٿابندي سان ٿئي پئي: رياض چانڊيو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) جيئي سنڌ محاذ چئيرمين رياض علي چانڊيو چيو آهي ته جنرل ضياء کان وٺي هن وقت تائين سنڌ ۾  دهشتگردي ۽ ڌاڙيل راڄ ۽ قبيلائي دهشتگردي منظم رٿابندي سان سرڪاري سرپرستي ۾ شروع ڪرائي وئي آهي ته جيئن سنڌي قوم جي فطري ترقي ۽ واڌ ويجهه کي روڪجي اڄ به لاڙڪاڻي، سکر ڊويزن بلخصوص ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي شڪارپور سکر ۾ حڪومت امن امان تباهه ڪرايو آهي، اسڪول يا ٻيا تعليمي ادارا ويران آهن پر اغوا انڊسٽريز عروج تي آهي اڄ به تعليم ۽ صحت بنيادي ترقي تي سنڌ جو خزانو استعمال ايترو نٿوڪيو وڃي جيترو امن امان جي نالي تي پوليس ۽  رينجرز تي خرچ ڪيا ٿا وڃن پر پوءِ به سنڌ جا شهري غيرمحفوظ آهن ڌاڙيل ۽  ڦرلٽ ڪندڙ بي خوف ٿي دهشت پکيڙي رهيا آهن، ڊسٽرڪٽ سيشن بار کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيريستان جو پٺاڻ ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿئي ٿو ته پٺاڻ پشاور کان نڪري روهڙي ۾ احتجاج ڪري نيشنل هاءِ وي بند ڪن ته انهن جو اغوا ٿيل ماڻهو واپس ملي وڃي ٿو نه انهن جي احتجاج تي پوليس ڪاهه ٿي ڪري نه انهن جو ڪئمپون ختم ٿي ڪرايو ويون ۽ بلوچستان جو بگٽي اغوا ٿئي ته ماڻهو آزاد ڪرائڻ لاءِ بلوچستان جا بگٽي اچي نيشنل هاءِ وي بند ڪن ته انهن کي ماڻهو پوليس واپس ڏنو نه انهن تي تشدد ٿيو نه ڪا ڪاروائي پر سرڪار جو ٻٽو معيار آهي ته جيڪڏهن سنڌ جا شهري خاص طور تي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جا شهري احتجاجي ڌرڻا هڻن ته انهن جو احتجاجي ڪئمپون ختم ڪري تشدد ڪري خنجر بردار ماڻهن جي هٿان حملو ڪرائين ٿا هي ظلم آهي اسان سان ته اسان پنهنجي معصوم ماڻهن جي تحفظ ۽ آزادي لا روڊن تي اچون ته ڌاڙيل راڄ جو خاتمو ڪيو ته احتجاج ڪندڙن جي مٿان بغاوت جا ڪيس داخل ڪيا ٿا وڃن، هن  سکر ۾ 17تاريخ تي ٿيندڙ احتجاجي ريلي ۾ شرڪت جي پڻ دعوت ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.