اڳوڻي گورنر عمر سرفراز جو 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

لاهور(م ڊ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پنجاب جي اڳوڻي گورنر سرفراز چيما کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عسڪري ٽاور تي حملي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ سرفراز چيما خلاف گهيرو ڪرڻ واري  ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پوليس جوابدارن کي جيل مان طلب ڪرڻ جي درخواست ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما ۽ ٻين جوابدارن خلاف گلبرگ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ بغاوت، جنگ ڪرڻ ۽ ماڻهن کي فسادن تي ڀڙڪائڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.