اسلام آباد (م ڊ) ڊالر، پيٽرول ۽ کنڊ جي اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ ايف آءِ اي کي اختيار ڏنا ويا آهن، نگران سرڪار وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي کي آمريڪي ڊالر، کنڊ، ڀاڻ ۽ پيٽروليم شين جي اسمگلنگ کي روڪڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن، نگران گهرو وزير جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس بعد ايف آءِ کي ڪاررواين جا حڪم جاري ڪيا ويا، مراسلي موجب آمريڪي ڊالر ۽ ٻين غير ملڪي ڪرنسي جي سمورن داخلي ۽ خارجي پوائنٽس تي ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري سگهندي، ٻئي پاسي اسمگلنگ جي خلاف ڪاررواين جي حوالي سان اينٽي مني لانڊرنگ ڊائريڪٽوريٽ سان انسپيڪٽر کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي.