ڪراچي ۾ ڪائونسلر جو قتل، 6 ڄڻن مٿان ڪيس داخل

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو) جي علائقي سرجاڻي ٽائون ۾ ڪنڍا مافيا هٿان فائرنگ ۾ جماعت اسلامي جو ڪائونسلر مارجي ويو 2  ڄڻا زخمي ٿي پيا، سرجاني جي علائقي سيڪٽر 4 سي ۾ مسجد فيضان عاشقان رسول وٽ ڪنڍا مافيا جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جماعت اسلامي جو ڪائونسلر مارجي ويو، جڏهن ته فائرنگ ۽ تشدد سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. مقتول جو لاش عباسي شهيد اسپتال آندو ويو، پوليس موجب مقتول جي سڃاڻپ 60 ورهين جي حبيب جي نالي سان ٿي، شروعاتي جاچ موجب واقعو گهرن ۾ بجلي جي ڪنڊن واري رقم جي تڪرار تان پيش آيو، علائقي واسين جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ مقامي اختيارين چيو ته اسان جي گهرن ۾ بجلي جا ميٽر لڳرائڻ ۾ اسان جي مدد لاءِ  هنن سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا هئاسين ته ڪنڊا مافيا جا ڪارندا اتي پهچي ويا ۽ هنن کي چيو ته ڪنڍي جي رقم نه ڏينداسين، جڏهن ته واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، علائقي واسين پاران احتجاج ڪيو ويو، ٻئي پاسي سرجاڻي ٽائون ۾ بجلي جي ڪنڍا مافيا جي هٿان فائرنگ ۾ مارجي ويل جماعت اسلامي جي ڪائونسلر حبيب جو قتل ڪيس 6 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، مقتول جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنازي نماز جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمن پڙهائي جنازي نماز  ۾ مقتول جي وارثن مٽن مائٽن ۽ دوستن شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.