ججن کي بنا وياج قرض ڏيڻ کي ناانصافي آهي: پاڪستان بار

اسلام آباد( م ڊ) پاڪستان بار ڪائونسل ججن کي بنا وياج قرض ڏيڻ کي ناانصافي قرار ڏئي ڇڏيو. پڌرنامي موجب سٺيون پگهارون ۽ مراعتون  حاصل ڪندڙ ججن کي بلاسود قرض ڏيڻ ناانصافي آهي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ججن ۾ قرض جي آڇ کي رد ڪرڻ جي اميد آهي. پاڪستان بار ڪائونسل آل پاڪستان وڪيلن جي نمائندن جي اجلاس ۾ ججن جون رعايون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. پاڪستان بار ڪائونسل پنجاب جي نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ججن کي بي سود قرضن جي آڇ کي فوري طور تي واپس ورتو وڃي، ڇاڪاڻ ته عوام سخت بحران جو شڪار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.