اسلام آباد (م ڊ) نيشنل پاور اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي ( نيپرا ) بجلي وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي. نيپرا بجلي في يونٽ هڪ رُپيو 46 پئسا مهانگي ڪري ڇڏي ۽ بجلي جي قيمت ۾واڌ جولاءِ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي. نيپرا بجلي جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بجلي جا نوان اگهه سپٽيمبر جي بلن ۾ تي لاڳو هوندا. نوٽيفڪيشن موجب، بجلي جا نوان اگهه لائف لائين ۽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه هوندا.