اسلام آباد (م ڊ) ڳڻپ کاتي ملڪ ۾ مهانگائي جي هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، شماريات کاتي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سالياني بنيادن تي مهانگائي 26.32 سيڪڙو ٿي وئي آهي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ هفتي ۾ ٽماٽو 17 سيڪڙو، مهري دال 10.8 سيڪڙو، کنڊ 6.7 سيڪڙو، ٿوم 4.6، ڳڙ 3.6 ۽ مڱن جي دال 3.5 سيڪڙو مهانگي ٿي. ان کانسواءِ هڪ هفتي ۾ بصر 3.4 سيڪڙو، چڻن جي دال 3.2 سيڪڙو، ڊيزل 6.2، ايل جي پي 5.1 ۽ پيٽرول 5.1 سيڪڙو مهانگو ٿيو آهي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ هفتي ۾ ڪڪڙ جو گوشت 3.2 سيڪڙو، 5 ليٽر ڪوڪنگ آئل هڪ سيڪڙو سستو ٿيو. رپورٽ موجب هڪ هفتي ۾ 32 شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ 5 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي.