ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) سيما حيدر کانپوءِ پاڪستاني نوجوان محبت ۾ ڀارت پهچي ويو، سيما حيدر کانپوءِ پاڪستان جي علائقي شانگلا جو رهواسي 24 سالن جو فيض محمد دبئي ۾ ڪمائڻ سانگي ويو، ڪجهه وقت بعد پاڪستان موٽيو، هن وارثن کي چيو ته هاڻي هو ڪينيڊا ويندو پر اصل ۾ هو ڪينيڊا نه ڀارت وڃي رهيو هو، دبئي ۾ ان جي ملاقات 20 سالن جي ڀارتي ناري نيها فاطما سان ٿي چڪي هئي، هنن جي دوستي کانپوءِ شادي به ٿي چڪي هئي ۽ ايترو ئي نه کين هڪ ٻار جو اولاد به آهي، ڀارتي ڇوڪري جي پيءُ ٻنهي جا غيرقانوني ڪاغذ ٺهرايا ۽ نوجوان کي ڀارت گهرائي ورتو، نيپال۽ کٽمنڊو جا بارڊر ڪراس ڪندي نيٺ فيض محمد محبت لاءِ ڀارت پهچي ويو، غيرقانوني داخل ٿيڻ تي ڀارتي پوليس فيض محمد ۽ ان جي مدد ڪندڙن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، فيض محمد جي ماءُ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن ۽ سندس ڀائر احتجاج ڪري رهيا آهن.