ڊالر جا پويان پير، انٽر بئنڪ ۾ ٻه ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ 4 رپيا سستو

ڪراچي (رپورٽر) انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ وڌيڪ لاٿ اچي وئي. ڪاروبار دوران انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو اگهه وڌيڪ گهٽيو ۽ ڊالر  هڪ رپيو 99 پئسا سستو ٿي 302 رپين 95 پئسن جو ٿي ويو. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جو اگهه مسلسل گهٽجي رهيو آهي ۽ ڊالر 4 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 304 رپين جو ٿي ويو آهي. سون جي قيمت ۾ مسلسل چوٿين ڏينهن به هزار رپين جي گهٽتائي ٿي آهي. سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار رپيا گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ سون جو في تولو اگهه 2 لک 12 هزار 500 رپيا ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن سون جو اگهه 5 هزار 800 رپيا گهٽتائي سان 2 لک 16 هزار 500 رپيا ٿي ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.