قمبر (رپورٽ: محمود شيخ ) ڪراچي جي غازي ڳوٺ واري علائقي ۾ موٽر سائيڪل سوار نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قمبر واسي نوجوان شبير احمد بليدي قتل ٿي ويو ان حوالي سان مقتول نوجوان جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته نوجوان شبير احمد بليدي علاج جي سلسلي ۾ ڪراچي ويل هو جيڪو ڪالھ رات دير سان پنهنجي ماسات سلطان احمد سان گڏ غازي ڳوٺ اچي رهيو هو ته نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن اسان جي نوجوانن مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ شبير احمد تڏي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته سلطان احمد معجزاڻي طور زنده بچي ويو مقتول نوجوان جو مڙهه ڊائو هاسپيٽل مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن کڻائي قمبر پهتا جتي نوجوان جو مڙهه گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.