سنڌ جا وسيلا کسي ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو ويو آهي: رياض چانڊيو

گھوٽڪي( ڊر) جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض چانڊيو 17 سيپٽمبر تي سکر ۾ اعلانيل جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي جي جلسي جي  ڪاميابي جي گهوٽڪي ضلع ۾ ڪالهه ٻئين ڏينهن رابطا مهم جاري رهي. جسم سربراھ رياض چانڊيو  گھوٽڪي تعلقي جي ڳوٺن ڳوٺ جھنگل گھوٽو ۾ جسقم اڳواڻ محبوب گھوٽو ـ گھوٽڪي ايريگيشن ڪالوني ۾  قومپرست اڳواڻ عبدالغفار خان پتافي ۽ گھوٽڪي بار  کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ هن وقت ڏکئي دور مان گذري رهي آهي سنڌي ماڻهن کي پاڻ ۾ ٻڌي ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ جي مالڪي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پ پ سرڪار 15 سال اقتدار ۾ سنڌ جي ڦرلٽ ۽ ڀينگ ڪئي وئي آهي. سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آهي ۽ ڊيجيٽل آدمشماري ۾ ٿورائي ۾ ڏيکاريو ويو آهي ۽ ڌارين کي وڏي انگ ۾ ڏيکاريو ويو آهي . گهوٽڪي ضلعي جي اندر تمام گهڻا معدني وسيلا آهن پر مقامي ماڻهن کي نه روزگار ڏنو ٿو وڃي نه وري ڪميونٽي ڊوولپمنٽ جا فنڊ خرچ ڪيا ٿا وڃن سنڌ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي. هن چيو سنڌ ۾ لاقانونيت جي صورتحال آهي هڪ طرف چورن کي چوري ڪرڻ جي اجازت آهي ۽  ٻئي طرف ڌاڙيل اغوا انڊسٽريز پيدا ڪئي وئي . ملڪ جي اندر سنڌين سان ٻٽو معيار رکيو ويو آهي سنڌي پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪن ٿا ته  پوليس ۽ ٻيا ادارا انهن مٿان گوليون هڻي انهن کان احتجاج ڪرڻ جو حق کسيو ٿو وڃي . هن چيو 17 سيپٽمبر تي افغاني دهشتگرد پٺاڻن برمين بنگالين جي نيڪالي ڌاري آبادڪاري ڊيجيٽل آدمشماري خلاف رهبر ڪاميٽي طرفان سکر ۾ تاريخي احتجاج ڪيو ويندو ان جي ۾ وڌ کان وڌ شريڪ ٿيو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.