گهوٽڪي (رپورٽ: آزاد مهر) ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير احمد تنيو جي بدلي کان ڏوهارين جي نئين آيل ايس ايس پي گھوٽڪي منير احمد کهڙو کي سلامي، رائونتي ڀرسان ٻيلو ميرپور ٿاڻي جي حد مان نينگر ڏينهن ڏٺي جو اغوا ٿي ويو، ڳوٺاڻن بروقت پوليس کي اطلاع ڏنو، ايس ايڇ او ٻيلو ميرپور ڏوهارين پويان وڃڻ بدران نئين ايس ايس پي گھوٽڪي اڳيان پاڻ وڻائڻ لاءِ صبح اغوا ڄاڻايل مغوي کي مقابلي دوران بازياب ڪرائڻ جو واعدو ڪري ڇڏيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ڊرنگ چاچڙ جي رهواسي سرور پٽ انڙ ميراڻي مبينا طور اغوا ٿي ويو، مغوي جي ڀاءُ گل محمد ميراڻي موجب نينگر ڍنڍ ۾ مڇي جو شڪار ڪري رهيو هو ته هٿياربند ان کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، سخت پريشان آهيون، ڀاءُ کي آزاد ڪرايو وڃي.