ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان جي انساني حقن جي ڪميشن جي چيئرمين اسد اقبال بٽ، پروفيسر توصيف احمد، سعديه بلوچ سعيد بلوچ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ايڇ آر سي پي طرفان اتر سنڌ ۾ بدامني تي جوڙيل رپورٽ جاري ڪندي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اتر سنڌ ۾ اغوا، ننڍڙين غير مسلم نينگرين جي زبردستي مذهب جي تبديلي، ننڍين عمر ۾ ڇوڪرين جي شادي، اغوائن، ڦرين ۽ ٻارن جي اغوا تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اتر سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ تڪڙا اپاءُ ورتا وڃن، تعليم، صحت، راندين جي ميدان ۾ ڇوڪرين ۽ عورتن جي لاءِ خاص پروگرام مرتب ڪيا وڃن، هر ضلعي ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي لاءِ پناه گاهون ٺاهي اتي جديد سهولتون فراهم ڪري انهن ۾ عورت اسٽاف مقرر ڪيو وڃي، ڪچي واري علائقي ۾ تعليم، روزگار جا هنگامي منصوبا جوڙيا وڃن، جرڳن تي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي وڌل پابندين کي لاڳو ڪيو وڃي، هنن چيو ته پوليس جي اعليٰ عملدار نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي ٻڌايو ته اسان وٽ جيڪي ھٿيار آھن اھي ڪم جا ناھن ڌاڙيلن وٽ جيڪي ھٿيار آھن اھي جديد آھن جن اڳيان اسان بي وس آھيون ۽ اسان جي ھٿيارن جي رينج 500 ميٽر آھي ڌاڙيلن جي ھٿيارن جي رينج 1500 ميٽر آھي اھي ھٿيار انهن وٽ ڪيئن پھتا آھن. ھنن چيو ته قبيلائي جھيڙن ۾ سردار ذاتي عدالتون لڳائيندا آھن اھو انھن لاءِ ڪاروبار بڻجي ويو آھي.