گئس سيڪٽر ۾ 300 اربن جو نقصان، اگهه وڌائڻا پوندا:وفاقي سرڪار

اسلام آباد (م ڊ) خصوصي سيڙپڪاري سهولت  ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جي پنجين اجلاس ۾ معاشي ۽ انتظامي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ روڊ ميپ جوڙيو ويو آهي جڏهن ته نگران وزيراعظم چيو آهي ته نگران حڪومت جي گهٽ مدي جي باوجود اسان کي معاشي بحالي جي منصوبي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو آهي، انهن قدمن کي لاڳو ڪرڻ سان ايندڙ چونڊيل حڪومت کي به ملڪي معيشت جي بحالي جي پروگرام تي عملدرآمد ۾ آساني ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ملڪ جي معاشي بحالي، ڪاروباري سرگرمين ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو پنجون اجلاس ڪالهه جمعي ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف، عبوري وفاقي ڪابينا، صوبائي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن لاڳاپيل شعبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ملڪ ۾ مقامي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ معاشي ۽ انتظامي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ روڊ ميپ جوڙيو ويو. اجلاس کي ريگيوليشن موثر ۽ تيز بڻائڻ جي ٺوس پلان تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي تي مشاورت ٿي. نگران وزيراعظم ان حوالي سان عملي قدمن جي منظوري ڏني ۽ هدايت ڪئي ته انهن تي عملدرآمد مقرر مدي ۾ يقيني بڻايو وڃي، وزير انهن قدمن تي عمل يقيني بڻائين. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت جي گهٽ مدي جي باوجود اسان کي معاشي بحالي جي منصوبي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو آهي، انهن قدمن جي لاڳو ٿيڻ سان ايندڙ چونڊيل حڪومت کي به ملڪي معيشت جي بحالي جي پروگرام تي عملدرآمد ۾ آساني ٿيندي

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي  وزير شمشاد اختر چيو آهي ته معيشت جو استحڪام ۽ پائيدار اؤسر اسان جي نظر ۾ آهي، ڪوشش آهي ته معيشت جي بحالي ٿئي جنهن لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، ڍانچه جاتي سڌارن جي پروگرام دوران سماجي تحفظ جي پروگرامن ۽ مالياتي شموليت تي توجهه ڏني ويندي. نومبر ۾ آءِ ايم ايف جو جائزو هوندو، جنهن کان پوءِ پاڪستان کي نئين قسط ملي ويندي. عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان به مختلف منصوبن لاءِ معاونت ملندي. جاري مالي سال دوران پاڪستان کي 6 ارب ڊالرن جي معاونت ملندي. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، واپار واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز ۽ توانائي واري نگران وفاقي وزير محمدعلي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. پرنسپل انفارميشن آفيسر محمد عاصم کچي به ان موقعي تي موجود هو. ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر چيو ته نگران حڪومت هڪ ٽيم طور ڪم ڪرڻ جو اصول بڻايو آهي، اسان هڪ ٽيم طور جامع ۽ مؤثر انداز ۾ ڪم ڪنداسين، معاشي اهميت وارا ادارا ملي ڪم ڪندا. اي سي سي سميت ڪابينه جي سمورين ڪميٽين ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ڪلي معيشت جو استحڪام پائيدار اؤسر اسان جي نظر ۾ آهي ان مقصد لاءِ معيشت کي مستحڪم ڪرڻو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته معيشت جي بحالي ٿئي جنهن لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ڍانچه جاتي سڌارن جي پروگرام دوران سماجي تحفظ جي پروگرامن ۽ مالياتي شموليت تي توجهه ڏني وڃي، ان سلسلي ۾ راست پروگرام کي جامع ۽ مؤثر انداز ۾ اڳتي وڌايو پيو وڃي، خساري ۾ ويندڙ سرڪاري ادارن (ايس او ايز) جو ذڪر ڪندي هن چيو ته نقصان ۾ ويندڙ ادارن جو قومي خزاني تي بار پئجي رهيو آهي، ان ادارن جي حوالي سان پاليسي تيار ٿي رهي آهي ان سلسلي ۾ هڪ مرڪزي مانيٽرنگ يونٽ قائم ڪيو ويندو جيڪو ادارن بابت معاملن جي نگراني ڪندي. هن چيو ته سرڪاري ڪاروباري ادارن ۾ ڪارپوريٽ گورننس کي بهتر بڻايو ويندو ته جيئن ان جو فائديمند نجڪاريءَ ۾ مدد ملي سگهي. هن چيو ته سرڪاري ڪاروباري ادارن جي قرضن جو بار بئنڪنگ جي نظام تي آهي، ان بار کي ڪيپيٽل مارڪيٽ سان به منسلڪ ڪيو پيو وڃي. اسان جي ڪوشش هوندي ته حڪومتي سيڪيورٽيز کي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ فلوٽ ڪيو وڃي ان سان عام ماڻهو به حڪومتي سيڪيورٽيز ۾ سيڙپڪاري جي حامل ٿي ويندو. هڪ سوال تي هن چيو ته آمدني پيداوار کولڻ يا پابنديون هٽائڻ صنعتن لاءِ ضروري آهي ان سان گڏ صنعتون هلنديون. هن چيو ته روانگي واپار ۽ ڏيهه موڪليل ناڻي ۾ گهٽتائي سان مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن تي دٻاءُ آهي پر اسان عالمي بئنڪ، ايشياتي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻين گهڻ رُخي ادارن سان ڳالهيون هلي رهيون آهن. نومبر ۾ آءِ ايم ايف جو جائزو هوندو جنهن کانپوءِ پاڪستان کي نئين قسط ملي ويندي ان کان علاوه عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان به مختلف منصوبن لاءِ معاونت ملندي، ان مقصد لاءِ ان ادارن سان معاملن کي تيزيءَ سان طئي ڪرڻ تي ڪم ٿي رهيو آهي. اندازو آهي ته جاري مالي سال دوران پاڪستان کي 6 ارب ڊالرن جي معاونت ملندي. هڪ سوال تي هن چيو ته غير دستاويزي معيشت ۽ مارڪيٽ جو ڳاڻيٽو ٻُڌائڻ مشڪل آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ڪرنسي ۽ شين جي اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ مؤثر انداز ۾ ڪم ڪري سگهجي، گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ان حوالي سان قدمن جا سٺا نتيجا سامهون آيا آهن. هن چيو ته ملڪي معيشت جي صورتحال في الحال ٺيڪ آهي، واپار واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز پريس ڪانفرنس دوران ٻُڌايو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ آمدني واپار تي پابندين سبب رسد ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي رهيون هيون اڄ جي اجلاس ۾ اسان جو مؤقف هو ته آمدني مارڪيٽ کي کولڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان رسد ۾ رڪاوٽون ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ واڌ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. آمدني واپار کولڻ سان خام مال وڌيڪ ايندو جنهن سان اسان جي روانگي واپار وڌندي ۽ ماڻهن کي روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا ميسر ايندا. هن چيو ته 22ع ۾ اسان جي آمدني واپار 78 ارب ڊالر هئي جڏهن ته روانگي واپار ۽ پرڏيهه مان موڪليل ناڻي جو ڪاٿو 55 ۽ 56 ارب ڊالرن جي وچ ۾ هو، گذريل حڪومت آمدني بل کي 55 ارب ڊالرن تائين گهٽ ڪري ڇڏيو هو، هن چيو ته اسان معيشت، صنعت ۽ آمدني واپار کي هاڻ کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته خام مال، توانائي جون قيمتون ۽ گيس جي دستيابيءَ بابت معاملن جو به جائزو ورتو ويو، اسان کي صنعتن کي ترجيح ڏيڻي آهي ڇاڪاڻ ته صنعتن جي هلڻ سان ماڻهن کي روزگار ملندو ۽ مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي ايندي. توانائي واري نگران وزير محمد علي چيو آهي ته گئس سيڪٽر جو گردشي قرض وياج ملائي 2700 ارب ٿي ويو آهي، گئس جا اگهه فريز آهن، جنهن سبب ساليانو 350 اربن جو نقصان ٿي رهيو آهي، سڄي ملڪ ۾ گئس جا اگهه وڌائڻا پوندا. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي محمد علي چيو ته بجلي بلن تي رليف لاءِ آءِ ايم ايف کي پلان موڪليو ويو آهي، آءِ ايم ايف طرفان هڪ ٻه ڏينهن ۾ جواب اچي ويندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان گردشي قرض تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي پر رقم تمام وڏي آهي، تنهن ڪري وقت کپندو. سندس چوڻ هو ته ايندڙ مهيني تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ 24 بلاڪس جي نيلامي ڪئي ويندي، لائن لاسز کي گهٽ ڪرڻ تي به ڪم ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.