ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ 10 سالن کان گم ٿيل محمدعلي سميت ٻين جي آزادي لاءِ درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت گم ٿيل ماڻهو جي حوالي سان بچاءُ واري کاتي ۽ گهرو کاتي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس کي اجلاس جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته جيڪو عدالتي حڪم نامو آهي اهو لاڳاپيل ادارن کي ٻڌايو وڃي، عدالت کي ٻڌايو ويو ته گم ٿيل شهري محمد عديل گهر اچي ويو، ان بابت عدالت ڪيس کي اڪلائي ڇڏيو، جاچ آفيسر چيو ته شهري عمرخالد سي ٽي ڊي ملتان پوليس وٽ گرفتار آهي، عدالت عمرخالد جي درخواست غير موثر هجڻ ڪري خارج ڪري ڇڏي.