پشاور ۾ ڊالرز جي اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون، ڪرنسي مارڪيٽ سيل

پشاور (م ڊ) پشاور ۾ ايف آءِ اي ٽيم چوڪ يادگار تي حواله هنڊي ۽ آمريڪي ڊالرز سميت غير ملڪي ڪنرسي جي اسمگلنگ خلاف  ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪرنسي مارڪيٽ کي سيل ڪري ڇڏيو آهي، پشاور ۾ ايف آءِ اي ٽيم مقامي پوليس ۽ ايل اي اي سان گڏجي چوڪ يادگار پشاور ۾ حواله هنڊي ۽ آمريڪي ڊالرز سميت غير ملڪي ڪرنسي جي اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو، ان دوران ڪرنسي جي غيرقانوني ڪاروبار جي ڳڙهه چوڪ يادگار ڪنرسي مارڪيٽ کي سيل ڪيو ويو، ايف آءِ اي ذريعن موجب ڪي پي ڪي جي ڪنهن به علائقي ۾ ڪنهن کي به آمريڪي ڊالرز جي اسمگلنگ ۽ هواله هنڊي جو غيرقانوني ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي ۽ جيڪڏهن ڪو به ان غيرقانوني ڪاروبار ۾ ملوث ڏٺو ويو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.