دهشتگردي جي الزام هيٺ قيد اڳوڻو فوجي جيل مان فرار، انتظاميا ۾ ٿرٿلو، شهرين لاءِ خطرو قرار

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) برطانيا ۾ دهشتگردي جي الزام هيٺ قيد اڳوڻو فوجي اهلڪار ڊينئل خليفي لنڊن جي ونڊز ورٿ جيل مان فرار ٿي ويو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، 21 ورهين جو ڊينئل عابد خليفي خلاف برطانوي فوجي بي تي نقلي بم رکڻ جي الزام ۾ لنڊن جي ونڊز ورٿ جيل ۾ عدالتي ٽرائل جو منتظر هو.

پرڏيهي ميڊيا مووجب، جيل اختيارين جو خيال آهي ته خليفي جيل جي رڌڻي ۾ کاڌو پهچائڻ واري وين ۾ لڪي فرار ٿيو ڇو جو فرار ٿيڻ کان اڳ کيس اتي ئي ڏٺو ويو هو.

خليفي جي جيل مان فرار ٿيڻ کانپوءِ اختيارين طرفان شهر جي سمورن اچ وڃ وارن رستن سان گڏ هوائي اڏن تي به سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب، خليفي 2019ع ۾ فوج ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي، ان تعلق لنڊڻ جي ڪنگسٽن علائقي سان هو، سندس ڳولا لاءِ ملڪ گير مهم شروع ڪئي وئي آهي.

پوليس طرفان خليفي کي شهرين لاءِ وڏو خطرو قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو جتي به کين نظر اچي کيس پڪڙڻ بدران پوليس کي اطلاع ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.