بُري خبر، پيٽرول وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي طرفان پيٽرول تي ڊيلر مارجن وڌائڻ جي منظوري ڏيڻ کانپوءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جو امڪان آهي.
ناڻي واري نگران وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.
اجلاس جي جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب پيٽرول تي ڊيلرز مارجن هڪ رپيو 64 پئسا في ليٽر وڌائڻ جي منظوري ڏنيو ئي، جنهن کانپوءِ 15 سيپٽمبر کان پيٽرول ۽ ڊيزل وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.
اي سي سي جي فيصلي موجب پهرئين مرحلي ۾ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين لاءِ 15 سيپٽمبر کان 47 پئسا في ليٽر مارجن وڌندو، جڏهن ته ڊيلرز لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل تي 1.64 رپيا في ليٽر مارج وڌايو ويندو، ڊيلرز لاءِ پهرئين مرحلي ۾ 15 سيپٽمبر کان مارجن 41 پئسا في ليٽر وڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.