ايشياڪپ: برسات سبب ميچون متاثر ٿيون ته پاڪستان فائنل ۾ پهچي ويندو، پر ڪيئن؟

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا جي راڄڌاني ڪولمبو ۾ رات کان تيز برسات جو سلسلو جاري آهي.

سريلنڪا جي موسميات کاتي ڪولمبو ۾ ايندڙ ڏينهن دوران برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي جنهن سبب ايشيا ڪپ جون ميچون متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.

ڪولمبو۾ سُپر فور مرحلي جون ميچون نوَ سپٽيمبر کان شروع ٿينديون، پاڪستان سريلنڪا ۽ بنگلاديش جون ٽيمون اڄ ڪولمبو پهچنديون جڏهن ته ڀارتي ٽيم پهريان ئي ڪينڊي کان ڪولمبو پهچي چڪي آهي.

ياد رهي ته ڪولمبو ۾ ڏينهن تائين تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن سُپر فور مرحلي جي ڪا به ميچ نه ٿي ته پاڪستان پهرين پوزيشن تي ئي رهندو.

ڪولمبو ۾ تمام ميچز واش آئوٽ ٿيڻ تي پاڪستان فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويندو، اهڙي صورتحال ۾ سريلنڪا ۽ ڀارت جا پوائنٽ برابر هوندا، ميچز واش آئوٽ ٿيڻ جي صورت ۾ نيٽ رن ريٽ لاڳو نه ٿيندو پر پوائنٽ جي برابري ۽ رن ريٽ نه هئڻ تي ٻي ٽيم جو فيصلو ٽاس تي ٿيندو.

ايشيا ڪپ جو فائنل 17 سٽيمبر تي کيڏيو ويندو ۽ ڪولمبو ۾ 17 سپٽيمبر تي به برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن فائنل به برسات سبب نه ٿي سگهيو ته ٻنهي ٽيمن کي گڏيل طور فاتح قرار ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.