لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي نگران راندين واري وزير وهاب رياض ايٿليٽ ارشد نديم لاءِ ٽيهه لک جي انعامي رقم جو اعلان ڪيو آهي.
ذريعن موجب، پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي هدايت تي راندين واري کاتي ارشد نديم لاءِ ٽيهه لک رُپين جي انعامي رقم جو اعلان ڪيو آهي.
ان موقعي تي وهاب رياض چيو ته ارشد نديم سميت تمام قومي رانديگرن جي حوصلا افزائي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، پنجاب جي وڏي وزير جي هدايت تي اسپورٽس سيڪٽر کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪم جاري آهي.
ياد رهي ته ارشد نديم تازو ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ چاندي جو ٻلو کٽيو هو، ارشد جي ڪاميابي ايٿليٽڪس ورلڊ چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان جو پهريون ميڊل آهي.