اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات بابت نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سوشل ميڊيا تي 5 هزارن جي نوٽ جي بندش بابت نوٽيفڪيشن جعلي قرار ڏئي ڇڏيو.
مرتضيٰ سولنگي ايڪس تي سوشل ميڊيا تي وائرل جعلي نوٽيفڪيشن شيئر ڪيو آهي، جنهن ۾ ناڻي واري وزارت طرفان 5 هزار رپين جي نوٽ جي بندش جو اعلان ڪيو ويو آهي.
اطلاعات واري وزير لکيو ته 5 هزار رپين بابت اهو نوٽيفڪيشن ڪوڙو آهي، حڪومت اهڙيون خبرون پکيڙيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي.
This is fake. The Govt of Pakistan shall act against the people spreading this kind of fake news to create chaos.
یہ جھوٹا نوٹیفکیشن ہے۔
حکومتِ پاکستان ایسے جھوٹے نوٹیفیکیشن پھیلانے والوں کیخلاف سخت کارروائی کرے گی۔
👇 pic.twitter.com/9yU3DlM5UK— Murtaza Solangi (@murtazasolangi) September 7, 2023