پاڪستان جي سينيئر اداڪارا ۽ فلمساز سنگيتا چيو آهي ته ننڍي عمر جون ڇوڪريون مڙسن سان جلد ايڊجسٽ ڪري وينديون آهن ۽ اهو ئي سبب آهي ته مان ڇوڪرين جي ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ جي حق ۾ آهيان.
اداڪارا سنگيتا تازو نجي ٽي وي چئنل جي مارننگ شو ۾ شريڪ ٿي، جتي ميزبان کانئس ڌيئرن جي جلد شادي بابت سوال ڪيو.
ميزبان جي سوال تي سنگيتا چيو ته منهنجي ٽنهي ڌيئرن جون شاديون مڪمل طور تي ارينج ميرج هيون، جنهن لاءِ ڇوڪرن کي پسند مان پاڻ ڪيو.
هن چيو ته مان پهرين ڌيءَ جي شادي 14 سالن جي عمر ۾ ڪرائي، 15 سالن جي عمر ۾ اها ماءُ بڻجي وئي هئي، ٻي ڌيءَ جي شادي 16 سالن جي ٿيندي ئي ڪرائي ڇڏي، ان جا هاڻ 5 ٻار آهن.
جلدي شادي ڪرائڻ جو سبب ٻڌائيندي سنگيتا چيو ڇو ته مان ڪم ڪار ڪندي هيس ته ان دوران گهر ۾ ڌيئرون اڪيليون هونديون هيون، تنهن ڪري مون کي خوف ٿيندو هو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجي خيال ۾ ننڍي عمر جون ڇوڪريون جلدي ايڊجسٽ ٿي وينديون آهن، جن ڇوڪرين جي عمر وڌي وڃي، مثال طور 25 يا 26 سالن جون ٿي وڃن ته اهي مڙسن سان آساني سان سيٽ ناهن ٿينديون.
You might also like