ڪراچي وارا گرميءَ لاءِ تيار ٿي وڃن، موسميات کاتي اهم آگاهي ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گرمي جي شدت وڌي رهي آهي ۽ شهر ۾ ڪجهه ڏينهن گرمي جو راڄ هوندو.
موسميات کاتي ايندڙ ٽي ڏينهن موسم گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته گرمي پد وڌڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو ۽ ڏکڻ اولهه ۽ اولهه کان هوائون گهلڻ جو امڪان آهي.
هوڏانهن موسمياتي تجزئي نگار جواد ميمڻ چيو آهي ته شهر ۾ گرمي جي شدت 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته سامونڊي هوائون 20 کان 35 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گهلي سگهن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.