”ڪافي ود افتي مينيا شو“ ۾ نسيم شاهه جي شرڪت، اُروشي کي ڳالهه نه وڻي؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ” چاچا“ افتخار احمد به ساٿي ڪرڪيٽرن وانگر سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو متحرڪ رهندو آهي،آئي ڏينهن سندس قومي ڪرڪيٽرن سان دلچسپ وڊيوز وائرل ٿينديون رهنديون آهن ۽ تازو هن هاٽ فيورٽ رانديگر نسيم شاهه سان ريسٽورنٽ ۾ ٺاهيل وڊيو شيئر ڪئي آهي.

وڊيو ۾ نسيم شاهه ۽ افتخار احمد گڏ هڪ ريسٽورنٽ ۾ ڪافي جي ڪوپ تي ڪچهري ڪري رهيا آهن.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي شيئر ڪيل وڊيو جي ڪيپشن ۾ افتخار لکيو ته” ڪافي ود افتي مينيا“ شو جلد اچي رهيو آهي جنهن جو پهريون مهمان نسيم شاهه هوندو.

اوهان کي ٻڌائيندا هلون ته افتخار احمد اِحو نالي بالي ووڊ جي فلمساز ڪرن جوهر جي جڳ مشهور شو ” ڪافي ود ڪرن “ مان متاثر ٿي لکيو آهي جنهن ۾هو مشهور شخصيتن کي شو گهرائي سندن زندگي جي مختلف رُخن تي ڳالهه ٻول ڪندو آهي.

افتخار احمد جي تخليقي سوچ ۽ دلچسپ وڊيو جي واکاڻ ڪندي مداح دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.

جتي گهڻي قدر واهيپدارن دلچسپ تبصرا ڪيا اتي هڪ صارف کي نسيم شاهه اُروشي روٽيلا ياد ڏياري ڇڏي، هڪ واهيپدار لکيو ته افتخار، اُورشي روٽيلا جو خواب جي رهيو آهي، جيڪا ڳالهه اداڪارا کي نه وڻندي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.