ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا پرينيتي چوپڙا ۽ عام آدمي پارٽي جي اسيمبلي ميمبر راگهو چڍا جي شادي جو ڪارڊ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي.
ان کان اڳ ڀارتي ميڊيا ٻنهي خاندناي ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي هئي ته جوڙي جي شادي جي تقريب 23 سپٽيمبر تي ٿيندي جڏهن ته هاڻي ڀارتي ميڊيا ۾ خبرون گردش ڪري رهيون آهن، پرينيتي ۽ راگهو جي شادي جون تقريبون17 سپٽيمبر کان شروع ٿينديون.
جوڙي جي شادي 23 ۽ 24 سپٽيمبر تي راجسٿان جي شهر اديپور جي هوٽل ليلا پئلس ۽ ادايا ولاز ۾ ٿيندي، شادي عاليشان پنجابي ريتن رسمن تحت ٿيندي جنهن ۾ سياستدانن سميت بالي انڊسٽري جي اٽڪل سمورن ماڻهن کي دعوت ڏني ويندي.
View this post on Instagram
ان ڏس ۾ هڪ ڪارڊ به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي جيڪو آجياڻي جو ڪارڊ آهي، يعني اِهو ڪارڊ راگهو جي خاندان جي طرف کان آهي جنهن موجب، شادي جو آجياڻو ٽيهه سپٽيمبر تي چنديڳڙهه جي فائيو اسٽار هوٽل تاج ۾ ڏنو ويندو.
ڀارتي ميڊيا موجب، ڪارڊ جي حوالي سان تصديق ناهي ٿي سگهي ته ڇا واقعي جوڙي جو ڪارڊ آهي يا مداحن طرفان وائرل ڪيل جعلي ڪارڊ آهي، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا ڪارڊ تي لکيل تاريخ جي صديق ضرورت ڪئي آهي.
ياد رهي ته پرينيتي چوپڙا ۽ رگهو چڍا جي مڱڻي جي تقريب تيرنهن مئي تي نئين دهلي ۾ ٿي هئي جنهن ۾ڪيئي مشهور ڀارتي شخصيتن شرڪت ڪئي هئي.