يوٽيوب ۾ ٻه وڏيون تبديليون، واهپيدار لاڀ ڪيئن حاصل ڪن؟

ڪئليفورنيا (ويب ڊيسڪ) يوٽيوب دنيا جي مشهور ترين وڊيو شيئرينگ ايپ سروس آهي، جنهن کي هاڻي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي.

گوگل جي ملڪيت وڊيو شيئرنگ ايپ ۾ ٻن وڏين تبديلين تي ڪم جاري آهي، جنهن ذريعي واهپيدارن لاءِ وڌيڪ سولايون پيدا ٿينديون.

نائين ٽو فائيو گوگل جي رپورٽ موجب، يوٽيوب ۾ هڪ نئين پلي ايبلز سڪيشن جو اضافو ڪيو پيو وڃي.

ان نئين سيڪشن ذريعي ماڻهن لاءِ يوٽيوب ۾ گيمز کيڏڻ ممڪن ٿي ويندو.

اِهو فيچر فلحال محدود واهيپدارن لاءِ موجود آهي ۽ امڪاني طور ايندڙ هفتن يا مهينن اِهوسمورن واهيپدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.

ٻيو فيچر يوٽيوب شيئرنگ مينيو جي حوالي سان آهي، جڏهن صارف موبائيل ڊيوائس تي يوٽيوب وڊيو کي لينڊ اسڪيپ موڊ تي ڏسندو ته شيئرنگ آپشن فلوٽنگ بار جي صورت ۾ اسڪرين جي وچ ۾ نظر ايندا، پر پورٽريٽ موڊ ۾ وڊيو ڏسڻ وقت شيئرنگ آپشن هيٺ موجود هوندو.

اِهو فيچر به صارفين لاءِ ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيندو جنهن ذرعي سندن لاءِ اسڪيپ موڊ مان نڪرڻ کانسواءِ وڊيو ئي شيئر ڪرڻ ممڪن ٿي ويندو، اِهو فيچر به فلحال محدود واهپيدارن کي دستياب آهي.

ياد رهي ته ويجهڙائي وارن هفتن دوران يوٽيوب جي موبائيل ۽ ڊيسڪ ٽاپ ورزنز جي يوزر انٽرفيس ۾ تمام گهڻيون تبديليون ڪيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.