ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) ڇا اوهان ڪڏهن ان باري ۾ سوچيو آهي ته سڃاڻپ ڪارڊ يا ٻين اهم دستاويزن لاءِ تصويرون ڪڍرائڻ وقت کِلڻ ڇو منع هوندو آهي؟ .
جيڪڏهن نٿا ڄاڻو ته اسان اوهان کي ٻڌائينداسين ته جڏهن به اهم دستاويزن لاءِ تصويرون ڪڍرائيندا آهيون اسان کي چهري جا تاثر نارمل ڇو رکڻا پوندا آهن.
سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ يا ويزا جون تصويرون ڪڍرائڻ وقت پنهنجو وات بند ڪرڻو پوندو آهي، جنهن جو سبب بائيو ميٽرڪ اسڪينرز آهن جيڪي 2005ع ۾ شروع ڪيا ويا هئا.
اسڪينرز رڳو ان صورت ۾ ڪنهن شخص جي چهري جي سڃاڻپ وارو عمل مڪمل ڪري سگهن ٿا ته جڏهن اِهو نارمل حالت ۾ هوندو آهي.