ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سوشل ميڊيا تي ڪشمور ڌرڻي ۽ پوليس تشدد تي باهه ٻريل آهي، ناليواري ليکڪ نصير ميمڻ لکيو آهي ته دنيا ۾ رياست سردار هوندي آهي، پاڻ وٽ سردار رياست لڳا ويٺا آهن،ثنا بڪڪ چيو ته ڪشمور ڌرڻي ۾ عوامي ڪاوڙ ڏسي ٻن باندين کي رات پيٽ ۾ آزاد ڪرائيندڙ پوليس فورس لاءِ پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ڪهڙي ڏکيائي آ. آخر ڇو عوام کي ايترو مجبور ڪيو ويو آهي جو جان ۽ مال جي حفاظت جهڙي بنيادي حق لاءِ به ماڻهن کي روڊن تي اچڻو ٿو پوي.
راج ڪمار کوکر چيو ته سنڌ ۾ انقلاب جي شروعات ٿي چڪي آهي، ڪنڌڪوٽ ۾ پرامن احتجاج ۾ پوليس جي لاٺي چارج ۽ ڌرڻي ۾ ويٺل سنڌ جي شعور جي مزاحمت مان لڳي ٿو ته يقينن سنڌ بدلجي چڪي آهي.
فضا پتافي بلوچ چيو ته گذريل 2 ڏهاڪن ۾ سرداري نظام جي صرف ترقي سندن پئسي جي ذخيرن ۾ ۽ سندن صفن جي سطح تي آهي. شروع ۾ رڳو سردار هئا. هاڻي چيف سردار ۽ پوءِ مير اچن ٿا. غربت، جهالت، جبر ۽ بدحالي ساڳي آهي،آزاد لکيو ته پوليس بيوقوفي ٿي ڪري ان کي اندازو ئي ناهي ته سنڌ جي عوام جي اندر ڪيتري ڪاوڙ ڀريل آهي عوام کي جيترو هٿيار جي زور تي منتشر ڪندا هو گڏ ٿي ويندا ڇو ته عوام وٽ ڪو ٻيو رستو ۽ آپشن ئي ناهي سواء مزاحمت جي اڙي عقل جا انڌوُ هي مرڪ ۽ جذبو ڏسو.
علي لانگاهه لکيو ته ڌاڙيلن پوليس وحشي سردارن ميرن پيرن جي سامهون سينو تاڻي بيٺل ڪشمور جي غيرت مند شعور کي سنڌ جو سلام.
مختيار عباسي لکيوته آخر پوليس احتجاج ڪندڙن تي تشدد ڇو ڪيو؟ انهن جو سادو ئي مطالبو آ ته مغوين ۽ پريا ڪماري کي آزاد ڪريو. ان مان اهو مطلب نڪري ٿو ته رياست پاڻ ڌاڙيلن کي تحفظ ڏئي رهي آهي.
نثار کوکر لکيو ته هي ڪشمور پوليس آهي جيڪا پرامن مظاهرين مٿان ڌاڙيلن جيان ڪڙڪي پئي آهي. انهن ۾ خنجر بردار ماڻهون به شامل آهن جاچ ڪرايو ته اهي ڪرائي جا قاتل ڪنهن گهرايا هئا.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 7 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي