ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي پوليس گردي،چاقن سان حملو،سڄي سنڌ ۾ هلچل

ڪشمور/ڪنڌڪوٽ(رپورٽ:دليپ ڪيسواڻي+ممتاز سنڌي+ عرفان کوسو)نينگري پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جي بازيابي ۽ سنڌ مان ڌاڙيل ڪلچر جي خاتمي لاءِ ڪنڌڪوٽ سميت سموري سنڌ ۾ ڌرڻا جاري آهن،  پريا ڪماري، ساگر ڪمار ۽ ٻين مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪنڌڪوٽ ۾ لڳل ڌرڻي تي پوليس چڙهائي ڪئي آهي، لٺبازي ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عبدالغني بجاراڻي جي پٽ اويس بجاراڻي، جيوڻ سبزوئي ۽ گل خان جکراڻي سميت ڪيترائي مظاهرين زخمي ٿي پيا آهن، ڌرڻي ۾ ويٺلن مٿان پوليس لاٺي چارج ڪئي پوليس جي لاٺي چارج ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ جيوڻ سبزوئي،گل خان جکراڻي ۽ سنڌ بار ڪائونسل ميمبر عبدالغني بجاراڻي جو پٽ اويس بجاراڻي سميت 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته سينيئر وڪيل عبدالغني بجاراڻي،جي يو آءِ اڳواڻ جمال الدين اوڳاهي،ڀرچونڊي شريف جو ميان حسيب به پوليس جي لاٺي چارج جو شڪار بڻجي ويا،ڌرڻي تي ويٺل ماڻهن پاران به جوابي لٺبازي شروع ڪرڻ بعد پوليس اهلڪارن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ڪنڌڪوٽ جي انڊس هاءِ وي گولا موڙ وٽ سينيئر وڪيل سنڌ بار ڪائونسل ميمبر عبدالغني بجاراڻي جي سربراهي ۾ ڌرڻو هنيو ويو،ڌرڻي مختلف سياسي سماجي مذهبي تنظيمن قومي عوامي تحريڪ جي سجاد بروهي،ايس ٽي پي جي جيوڻ سبزوئي،ايس يو پي جي دلمراد ڏاهاڻي،جماعت اسلامي جي غلام مصطفيٰ ميراڻي،الياس نور چنه،عبيدالله گولو،جي يو آءِ جي مولوي خان محمد ملڪ رئيس منور علي ڀٽو، عزيز سومرو، غلام رسول ملڪ، والي ڏنو، ڪامريڊ عباس، فدا محمداڻي، شعبان جکراڻي، حسين بخش سومرو ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن ڌرڻي ۾ قافلن سميت شريڪ ٿي ڌرڻو هنيو.ڌرڻي ۾ اڳواڻن پوليس خلاف شديد نعري بازي ڪئي ۽ اغوا ٿي ويل مغوين نازيا کوسو،ڪوثر کوسو،ساگر ڪمار،پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي آزادي جو مطالبو ڪيو.ڌرڻي سبب سوين جي تعداد قطارن جي صورت ۾ گاڏيون بيهجي ويون ۽ انڊس هاءِ وي روڊ تي مسافر گاڏين جي آمد رفت بند ٿي وئي.ڌرڻي دوران پوليس جا وڏا اٽالا ۽ رينجرز جا اٽالا ڌرڻي ۾ پهچي ويا هئا.جڏهن رات دير تائين ڌرڻو جاري رهيو.

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت، بدامني ۽ اغوا انڊسٽري خلاف مختلف تنظيمن جي سڏ تي مظاهرا، قومي  عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مڪلي باءِ پاس تي ڪراچي ٺٽو قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو ان موقعي تي مظھر راھوجو، شبير ڀٽي، ناھيد جوڳي، راول ڪرناڻي، ياسر جاکرو، دريانو مل، ممتاز شيخ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ مان معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪري اغوا انڊسٽري قائم ڪئي وئي آھي، دڙي ۾ جسقم پاران انور ملاح ۽ سرفراز سومرو جي اڳواڻي ۾ ڌاٻيجي ۾ نظام جوکيو فيروز جوکيو، بابر شاهه شيرازي، اسد جتوئي ڳيريلي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ خالد جتوئي ،لياقت ٻرڙو ،ھشام جتوئي ،اسد ڪناسرو گهوٽڪي ۾ جسقم اڳواڻ حبيب الله گھوٽو،وھاب سھتو،ڪامريڊ اڪرم،رحيم ڪليري، ٿھيم،اشفاق گھوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ جروار ۾ ڪاشف منگراھ ،بلال شاھ،  زبير لوهار، استاد بخش علي، استاد مزمل،  استاد سريش ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾اسڪولي شاگردن ريلي ڪڍي جهڏو ۾ جسقم اڳواڻن نياز کوسو، عباس کوسو، مدن لال، تارا چند، نعيم ڪلوئي ڪنڊيارو ۾  يوٿ ايڪشن ڪميٽي ۽  جسقم طرفان هارون ڪلهوڙو، نويد گهانگهرو، رفيق گھانگھرو، سلطان گھانگھرو، سهيل گهانگهرو ،مرتضيٰ قريشي ،سهراب کوسو، حبدار ملاح ۽ زاهد ملاح جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،اڳواڻن چيو ته پريا ڪماري کي اغوا ٿئي مسلسل 2سال  گذري چڪا آهن پر اڄ تائين کيس آزاد ناهي ڪرايو ويو ۽ نه ئي هن  جي ماءُ تي ڪنهن به شفقت وارو هٿ رکيو آهي،خيرپور ناٿن شاه ۾ قومي عوامي تحريڪ جي   سومر چانڊيو ، اختر مشوري ، ايس ٽي پي اڳواڻ فقير علي حسن جانوري ڪوٽ غلام محمد سول سوسائٽي پاران ايڊوڪيٽ کيم چند لوھاڻو ،مفتي محمد آصف خاصخيلي ،جمن سنڌي ،ڪامريڊ سترام داس ،لڇمڻ داس،منهڙو۾ جسقم اڳواڻن اعجاز ٻوڙاڻو ،منتظر وڳڻ ، الطاف عمراڻي، نويد ٻوڙاڻو، ظهير سومرو، امان الله خاصخيلي، سجاد باغي، الطاف ڏاهري، مجاهد خاصخيلي نصيرآباد ۾ ڪيو اي ٽي جي  ضميرحسين مغيري، حفيظ ﷲ تنيو، اسد علي ٻڌ،علي گوھرجتوئي،دلدارعلي ايري نوابشاهه ۾ جسقم جي طارق سمون، هاشم لغاري، ڪاشف لاکو، حنان عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پڊعيدن ۾ رستم شر، انعام مري، سهيل پله، رفيق راڄپر، فقير رحيم سنڌي، الطاف انصاري، حافظ نور محمد راڄپر، نويد اڄڻ، امجد شيخ، زوهيب انصاري جي اڳواڻي ۾  احتجاج ڪيو ويو، راڄوخاناڻي ۾ پوج ھندو پنچائت جي سڏ تي بيشم ڪمار آزاد، ڊاڪٽر ونودڪمار، اداسي خاڪي، جاني راجا سوٽھڙ، محمد حسن جعفري، اسماعيل قمبراڻي،عاشق ٽالپر، باغي امداد، گڊوشام ڪمار،بابرنظاماڻي ،نارائڻ پھلاڻي ،امين نظاماڻي،اجي ڪمار، سيٺ ليلارام، رميش ڪمار ،ميڪش ڪما،ر ھري رام جي سربراھي احتجاجي ريلي نڪتي ڌاڙيل گردي دھشتگردي نامنظور پري ڪماري سميت اغوا ٿيلن کي آزادي ڏياريو جھڙا فلڪ شگاف نعري بازي هڻي ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو سڪرنڊ ۾ برڪت جلباڻي ، موجن زئونر   ، قربان ٻنڀ ، مورڙيو ميربحر ، معشوق زئونر ، ارباب سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وارھ  ۾  به  ڪامريڊ عنايت لاشاري ،اڪبر خاصخيلي ،جئڪال ڪلهوڙو ، بشيرخان چولياڻي،اياز کهاوڙ،ڪامريڊ سرتاج چانڊيونياز حيدري ۽ غفارميرجت ،شعاب الدين ڏيپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرا ڪيا ويا جڏهن ته تنگواڻي ۾ ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس جي پرامن مظاهرين جي ڌرڻي ۾ لاٺي چارج خلاف مختلف مذهبي،قومپرست ، سياسي سماجي ڪارڪن توڙي شهري روڊن تي نڪري آيا،شهر مڪمل بند ڪري وين ٽرمنل تي ڌرڻو هنيو،ڌرڻي سبب بلوچستان،سوئي،ٺل ،جيڪب آباد سميت مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏيون قطارن جي صورت ۾ بيهجي ويون،شهري اتحاد صدر قاري ڪفايت الله کوسو،ربڏنو ملڪ، مھتاب ملڪ، شربت نندواڻي، رحمدل لاشاري، سھراب ملڪ، سبزعلي باجڪاڻي،لعل محمّد باجڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،گهارو ۾ ايازشاھ جيلاني.شبيرشيخ ۽ ٻين  جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.