چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۾ رجسٽرار مقرر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس رٽائرمينٽ کان صرف 10 ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ جو رجسٽرار مقرر ڪري ڇڏيو.

نامياري صحافي حسنات ملڪ جو چوڻ آهي ته ايڊيشنل رجسٽرار عبدالرزاق کي  چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جو رجسٽرار مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا حيرت جي ڳالهه آهي، ڇو ته نامزد چيف جسٽس سان مشوري بنا رٽائرمينٽ کان صرف 10 ڏينهن اڳ اهم مقرري چيف جسٽس کي نه ڪرڻ گهرجي ها.

عبدالرزاق بابت چيو وڃي ٿو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو انتهائي ويجهو شاگرد رهيو آهي. ڪجهه ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف  جسٽس اهم مقرري نامزد چيف جسٽس جي مشوري سان ڪئي آهي.

ذريعن موجب رجسٽرار جي مقرري بابت جڏهن چيف جسٽس نامزد چيف جسٽس فائز عيسيٰ سان صلاح ڪئي ته نامزد چيف جسٽس کيس چيو ته 16 سيپٽمبر تائين اوهان چيف جسٽس آهيو ان ڪري  جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهيو ٿا ڀلي ڪيو.

جڏهن ته اهم قانوندانن جو چوڻ آهي ته اها مقرري  چيف جسٽس کي نه ڪرڻ گهرجي ها نئين چيف جسٽس کي اها مقرري  ڪرڻ گهرجي ها.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 7 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.