ڪراچي ( پ ر) سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ مغوين جي آزادي لاءِ جماعت اسلامي طرفان ٻئي ڏينھن به لاڙڪاڻي ، خيرپور ميرس ۽ اوٻاوڙي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير ممتاز حسين سھتو ڪشمور پھچي ٻن مھينن کانپوءِ ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ٿيندڙ گڊو اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر منير احمد نائچ سان ملاقات ڪري آزادي تي مبارڪون ڏنيون، هن چيو ته سنڌ ۾ بدامني توڙي ڌاڙيل راڄ جي خاتمي توڙي آخري مغوي جي آزادي تائين مظاھرا ڪري ڌرڻا ۽ جدوجهد جاري رکي ويندي، لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪلب وٽ ضلعي جي امير قاري ابو زبير جکرو، خيرپور۾ حسين شاهه باءِ پاس تي مولانا ثناءُالله جوڻيجو ۽ شڪارپور۾گهنٽاگهر چوڪ تي صبغت الله بروهي ۽ اوٻاوڙي ۾ ضلعي امير مفتي محمد يوسف مزاري جي قيادت ۾ ڌرڻا هنياويا.