” روڪ جي روڪي سگهين“ بابراعظم، ويرات ڪوهلي جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ ) ايشيا ڪپ ۾بنگلاديش خلاف ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم، ويرات ڪوهلي جو هڪ ٻيو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.

قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ڪپتان طور تيز ترين ٻه هزار رنسون ٺاهيندڙ رانديگر بڻجي ويو آهي، بابر اعظم ڪپتان طور 31 اننگز ۾ اِهو ڪارنامو انجام ڏنو آهي.

اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ ڪپتان طور 36 اننگز ۾ ٻه هزار رنسون ٺاهيون هيون.

ڪپتان طور ڏکڻ آفريڪا جي اي بي ڊي ويليئرز 41 اننگز ۾، آسٽريليا جي مائيڪل ڪلارڪ 47، جڏهن ته ڀارت جي ايم ايس ڌونيءَ ۽ انگلينڊ جي آئن مورگن 48-48 اننگز ۾ٻه هزار رنسون مڪمل ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.