نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) سائبر فراڊ جي وڌندڙ ڪيسن جو نوٽيس وٺندي ۽ سوين سم ڪارڊن جي هڪ واحد ID تي هلڻ جي خبرون نوٽيس وٺندي حڪومت سخت ايڪشن کنيو آهي.
ڀارتي حڪومت سمن جي وڪري لاءِ شرط ۽ پابنديون لاڳو ڪيون آهن.
حڪومت بلڪ سمز جاري ڪرڻ جي اجازت ختم ڪري ڇڏي آهي.
هاڻي سم ڪارڊ وڪرو ڪندڙ ڊيلرز کي به ٽيلي ڪام ڪمپنين کان تصديق ڪرائڻي پوندي.
ٽيلي ڪام ڪمپنيون ڪنهن به دڪان کي KYC کان سواءِ پنهنجو سم ڪارڊ وڪڻڻ جي اجازت نه ڏينديون.
جيڪڏهن ڪمپني KYC کان سواءِ سمز وڪڻڻ جي اجازت ڏئي ٿي ته ان تي في دڪان 10 لک رپيا ڏنڊ لڳايو ويندو.