امامن جي چاليهي جي موقعي تي سنڌ ۾ موڪل جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي 7 سيپٽمبر تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي نگران حڪومت حضرت امام حسين عه ۽ سندن ساٿين جي چاليهي جي موقعي تي 7 سيپٽمبر تي عام موڪل جو فيصلو ڪيو آهي.
تعليم کاتي طرفان 7 سيپٽمبر تي سرڪاري ۽ نجي اسڪول بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اهو فيصلو تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي طرفان ڪيو ويو.
واضح رهي ته چاليهي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڪرڻ لاءِ ماتمي جلوس ڪڍيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.