اڪشي ڪمار يونيورسٽي وڃن کانسواءِ ڊاڪٽر ڪيئن بڻيو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) خطرن جو کلاڙي اڪشي ڪمار به بالي ووڊ جي گھٽ تعليم يافتا اداڪارن جي فهرست ۾ شامل آهي. ڪيترين ئي فلمن ۾ شاندار فن جو مظاهرو ڪندڙ اڪشي ڪمار پنهنجي خوابن جي منزل حاصل ڪرڻجي ڪوشش ۾ رڳو ميٽرڪ ڪئي.
اڪشي ڪمار اسڪول کان پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ممبئي جي گرو نانڪ ڪاليج ۾ داخلا ورتي پر ڊگري مڪمل نه ڪري سگھيو.
اداڪار ڪاليج ڇڏي مارشل آرٽس جي تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ بينڪاڪ هليو ويو. وطن واپسي تي جدوجهد کان پوءِ 24 ورهين جي اڪشي ڪمار 1991ع ۾ پنهنجي پهرين فلم ”سوگند“۾ ڪم ڪيو.
حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ڪينيڊا جي يونيورسٽي آف ونڊسر اڪشي ڪمار جي ڀارتي سينيما لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ کيس قانون جي اعزازي ڊگري ڏني. جنهن کان پوءِ ڪمار ڊاڪٽر اڪشي ڪمار بڻجي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.