سنڌ جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگردن لاءِ اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي انساني حقن جي کاتي 6 ڊويزنز ۾ يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ 200 شاگردن کي انٽرن شپ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ان حوالي سان انساني حقن بابت نگران وزير عمر سومري چيو ته انٽر شپ دوران 50 هزار رپين جو وظيفو به ڏنو ويندو.
هن ٻڌايو ته انٽر شپ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻي، سکر ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي شاگردن کي ڏني ويندي.
سندس چوڻ هو ته ان لاءِ اڳ ۾ نگران وڏي وزير کان منظوري ورتي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.