لاهور ( ويب ڊيسڪ ) بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ اِن انڊيا ( بي سي سي آءِ ) جي صدر راجر بني پاڪستان جي ميزباني مان متاثر ٿيڻ بنا نه رهي سگهيو.
راجر بني ۽ راجيو شڪلا وفد سان گڏ چار سپٽيمبر تي لاهور پهتو هو ۽ اڄ ڀارتي وفد واهگا بارڊر رستي واپس ڀارت پهتو.
وطن واپسي تي ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر راجر بني جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ تجربو شاندار رهيو، اُهو ئي مان مليو جيڪو 1984 ۾ ٽيسٽ ميچ دوران مليو هو.
هن چيو ته اسان سان بادشاهن جو جهڙو ورتاءُ ڪيو ويو، اسان جو سٺو وقت گذريو، اسان کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيشلز سان ملڻ جو موقعو مليو.
ان موقعي تي راجيو شڪلا جو چوڻ هو ته ٻن ڏينهن جو دورو سٺو رهيو، گورنر پنجاب اسان جي اعزاز ۾ ڊنر ڏنو، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ميزباني به تمام سٺي هئي.
هن چيو ته پاڪستان جو مطالبو آهي ته ٻنهي مُلڪن و چ۾ ڪرڪيٽ شروع ٿيڻ گهرجي، اسان کين ٻڌايو آهي ته ان جو فيصلو حڪومت ڪندي، اسان اِهو ئي ڪنداسين جيڪا اسان جي حڪومت چوندي.
Prev Post
You might also like