کنڊ جي وڌندڙ اگهه سبب پريشان عوام لاءِ سٺي خبر

لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کنڊ جو اگهه گهٽجڻ شروع ٿي ويو ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ کنڊ وڌيڪ سستي ٿيڻ جو امڪان آهي.
حڪومت طرفان ڪريڪ ڊائون ۽ سمگلنگ روڪڻ سان کنڊ جا اگهه گهٽجڻ شروع ٿي ويا آهن، ٿوڪ مارڪيٽ ۾ کنڊ 10 رپيا في ڪلو سستي ٿي 166 رپين جي ٿي وئي آهي.
ڪريانه مرچنٽ صدر موجب کنڊ عام دڪانن تي 170 رپيا في ڪلو تائين اچي وئي آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ سستي ٿيندي.
هوڏانهن بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ به کنڊ سستي ٿي وئي آهي، مارڪيٽ ذريعن موجب هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جي 50 ڪلو ٻوري 11 هزارن مان گهٽجي 9500 رپين جي ٿي وئي آهي.
مارڪيٽ ذريعن موجب کنڊ جي في ڪلو هول سيل قيمت 190 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته عام مارڪيٽ ۾ کنڊ 220 رپين مان گهٽجي 205 رپين تائين وڪرو ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.