سعودي عرب جو تيل جي پيداوار بابت وڏو اعلان

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب تيل جي پيداوار ۾ 10 لک بيزل روز ڪٽوتي ۾ وڌيڪ 3 مهينا واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سعودي عرب جي توانائي واري وزارت موجب سعودي عرب ڪچي تيل جي روزانو پيداوار ۾ ڊسمبر تائين رضاڪاراڻي ڪٽوتي ڪندو.
وزارت جو چوڻ هوته آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر ۾ ڪچي تيل جي پيداوار تقريبن 90 لک بيزل روز هوندي.
عرب ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ سرڪاري ذريعن جو حوالو ڏيندي واضح ڪيو ويو آهي ته تيل جي پيداوار ۾ اها گھٽتائي ڊسمبر 2024 جي آخر تائين جاري رهندي، تيل جي پيداوار جي اها گھٽتائي ملڪ طرفان اپريل ۾ اعلانيل رضاڪاراڻي گھٽتائي کانسواءِ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.