آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ بار ڪائونسل آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.
صدر عارف علوي طرفان آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تي صحيحون نه ڪرڻ جي معاملي تي سنڌ بار ڪائونسل ٻئي قانون سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيا.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ٻنهي قانونن تي صدر صحيحون نه ڪيون، تنهن ڪري ٻئي قانون غير آئيني قرار ڏنا وڃن، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ، آرمي ترميمي ايڪٽ بنيادي انساني حقن سان ٽڪراءُ آهن.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته بل صدر طرفان صحيحون نه ڪرڻ جي بنياد تي ڪالعدم قرار ڏنا وڃن، 9 ۽ 10 مئي واقعن جي روشني ۾ گرفتار سڀني جوابدارن خلاف ڪيس عام عدالتن ۾ هلايا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.