مرتضيٰ وهاب چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب 3 يونين ڪائونسلز مان چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته مان ٽن يوسين مان چونڊ وڙهي رهيو آهيان، ميئر سڄي شهر جو نمائندو هوندو آهي، ڪراچي وارن کي ڪم ڪندڙ گهرجي.
هن چيو ته مان به فائل اڇلايان ها، ڳوڙها وهايان ها ۽ چوان ها ته مون وٽ اختيار ناهن، مان اي سي ۾ ناهيان ويهندو پر فيلڊ ۾ هوندو آهيان.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن ۾ 22 نون روڊن جو افتتاح ڪندس، ڪالهه سائيٽ ايريا ۾ شير شاهه روڊ جو افتتاح ڪيو، هڪ هڪ ڪارڪن عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.