ميٽ ۽ هيڊ مان ٺهندڙ ماسڪ چهرو نکاري ڇڏيندو

ميٽ جو ماسڪ عام ڏينهن ۾ به جلد لاءِ گھڻو فائديمند هوندو آهي ۽ ڪنوار جي رنگ کي نکارڻ ۾ ميٽ اهم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو.

ان جي سڀ کان خاص ڳالهه اها آهي ته اها جلد جي صفائي ڪري ان تي موجود زهريلن مادن کي صاف ڪري ٿي.

ميٽ سان گڏ هيڊ جراثيم مار خاصيتون رکي ٿي اسان جي بورچي خاني ۾ موجود هڪ مصالحُ آهي جيڪو جلد لاءِ گھڻو فائديمند هوندو آهي ۽ ان سان جلد تي موجود مختلف داغن جو سبب بڻجندڙ زهريلن مادن جي به صفائي ٿيندي آهي.

ميٽ ۽ ميڊ جو ماسڪ بڻائڻ لاءِ هڪ هڪ چمچو ميٽ ۽ هيڊ کي خشڪ حالت ۾ گڏايو.

ان کان پوءِ ان ۾ هڪ چمچو ليمي جي رس ملايو، جيڪڏهن سٺي طرح پيسٽ نه بڻجي ته ان لاءِ ان ۾ گلاب جو پاڻي به شامل ڪري سگھجي ٿو.

ان کان پوءِ ان پيسٽ کي ڪنوار جي چهري ۽ ڳچي تي لڳائي ڇڏيو ۽ ان کي خشڪ ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏيو.

ان کان پوءِ ان کي سادي پاڻي سان ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو ۽ ڪو به اهڙ موئسچرائزر جنهن ۾ کير شامل هجي، ان کي چهري تي لڳايو. اهو ماسڪ هفتي ۾ هڪ ڀيرو لڳائڻ ڪنوار جي جلد لاءِ بهتر ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.