”ڇا ڀارت، پاڪستان خلاف کيڏڻ کان ڊڄي رهيو آهي؟ “

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) اڳوڻي چيئرمين نجم سيٺي جئه شاهه جي ايشيا ڪپ جووينيو تبديل نه ڪرڻ واري هوڏ تي ڀارت جي هارائڻ جي ڊپ جو سوال اُٿاري ڇڏيو.

اڳوڻي پي سي بي چيئرمين سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي سريلنڪا ۾ جاري برساتن جو شيڊيول شيئر ڪندي ٽوئيٽ ڪئي.

ٽوئيٽ ۾ هن ڄاڻايو ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پي سي بي کي آگاهه ڪيو ويو هو ته برساتن جي اڳڪٿي سبب سُپر فور مرحلي ۾ ۾ ٿيندڙ پاڪ-ڀارت مقابلو ڪولمبو مان همبنوٽوٽا منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويوآهي.

نجم سيٺي چيو ته هڪ ڪلاڪ کانپوءِ اِهو فيصلو واپس ورتو ويو ۽ ميچ ڪولمبو ۾ ئي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو .

اڳوڻي پي سي بي چيئرمين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سوال ڪيو ته ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڇا ڀارت، پاڪستان سان کيڏڻ ۽ هارائڻ کان ڊڄي ٿو؟ .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.